درويش حاجي عبداللطيف شاهه قادري

درويش حاجي عبداللطيف شاهه قادري: هيءُ درويش ۽ بزرگ حضرت شاهه فقير الله علويءَ جو دوست ۽ همعصر هو. روايت آهي ته جڏهن شاهه الله علوي'>فقير الله علوي شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو، تڏهن شهر جي ٻاهران لکي در جي ڏکڻ ۾ هڪ خانقاهه جو بنياد رکيائين ۽ ان سان گڏ هڪ مسجد به جوڙايائين، جيڪا پوءِ اڳتي هلي حاجي فقير الله علويءَ جي لکيدر واري مسجد مشهور ٿي. شهر ۾ قيام کانپوءِ حاجي فقير الله جي مرضي هئي ته کيس وفات بعد ان مسجد ۾ دفن ڪيو وڃي. سندس هڪ پيارو ۽ هم مشرب دوست حاجي عبداللطيف شاهه قادري وٽس مهمان اچي ٿيو ۽ بيمار ٿي گذاري ويو. حاجي فقير الله شاهه علويءَ پنهنجي وصيت ڪيل جاءِ تي پنهنجي دوست کي دفن ڪرايو. حاجي لطيف شاهه نهايت نيڪ، زاهد، عابد، ذاڪر ۽ فيض جي کاڻ هو. حاجي لطيف شاهه جي نالي سان شڪارپور ۾ هڪ ڪالوني ۽ مسجد به مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو